جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي

جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي

جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي

جلالاڻي، نصير محمد فقير صوفي: صوفي نصير فقير جلالاڻي 1258هه/ 1842ع ڌاري پيدا ٿيو. هڪ روايت آهي ته هڪڙي ڀيري صوفي صادق شاهه تجل شريف ويندي واٽ تي جلالاڻين ۾ اچي ٻپهرو ڪيو. پاڻ اتي فرمايائين ته ”اسان کي هتي گدري جي خوشبو اچي ٿي، هتي هڪڙو ڪامل مرد خدا پيدا ٿيندو جيڪو ولي الله هوندو“. ڪجهه وقت کان پوءِ صوفي نصير محمد جي ولادت ٿي. هيءُ ننڍپڻ کان وٺي فقيري طبيعت جو مالڪ هو. بعد ۾ جهوڪ شريف جي مشهور صوفي عبدالستار اول جو طالب ٿيو. هن 118 ورهين جي ڄمار ۾ 27 جمادي الثاني 1380هه/ 17 ڊسمبر 1960ع تي وفات ڪئي. صوفي نصير فقير جلالاڻي بابت مشهور تذڪري نگار پير علي محمد راشديءَ پنهنجي مشهور تصنيف ’اهي ڏينهن، اهي شينهن‘ ۾ لکيو آهي ته: ”چهرو مبارڪ ڏسندي ئي ائين محسوس ٿيندو هو گويا اهڙو چهرو نور جي ڪنهن بنيادي مرڪز جو آئينه دار آهي. ورنه خاڪي انسان جي چهري ۾ اها تجلي اچي ڪا نه ٿي سگهي“.
صوفي نصير محمد فقير جا عيني قول مشهور آهن، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
1- فقير اهو آهي، جنهن کي ڏٺي رب ياد پوي.
2- فقير وٽ وڃڻ راحت ۽ دنيادار ماڻهوءَ وٽ وڃڻ ذلت آهي.
3- جنهن دل کي دوست ياد آهي، سا دل آباد آهي.
4- درد دل جو سينگار آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1842.00.00  عيسوي

صوفي نصير فقير جلالاڻي 1258هه/ 1842ع ڌاري پيدا ٿيو .


1960.12.17  عيسوي

، نصير محمد فقير 118 ورهين جي ڄمار ۾ 27 جمادي الثاني 1380هه/ 17 ڊسمبر 1960ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد عمر ٿهيم
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
ظل رحمان
احمد سومرو ڊاڪٽر
جتوئي علي نواز حاجن
ڌڻي بخش مهر مولانا
ڌڻي بخش ميمڻ
راڄن شاهه ماٽائي
عثمان ٻرڙو
اديب انقلابي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون